اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پ??ڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آ??ي، ملڪي بقا ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا جي صدر ايمل ولي خان سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ??ئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي ج?? اڳوڻو اسپيڪر سردار اياز صادق به شريڪ هو، ملاقات ۾ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جي ترجيح سڄي پ??ڪستان جي اجتماعي ترقي لاءِ سڀني کي گڏ وٺي هلڻ آ??ي، ملڪي بقاءُ ۽ ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آ??ي، ايمل ولي خان وزيراعظم کي ڊيره ??سم??عيل خان جي ٻيلن ۾ باهه تي فوري نوٽيس ۽ ڪامياب آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو.