نيويارڪ – 19 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيه?? وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي ترڪ هم منصب موولت ڪاوو سوگلو سان عالمي تحفظ خوراڪ جي لاءِ حڪمت عملي جي حوالي سان منعقد وزارتي اجلاس جي موقعي تي ملاقات دوران ڪيو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ شاندا?? ۽ ??طرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي پ??ڪس??ان جي ترڪيءَ سان پنهنجي وسيع البنياد تعاون وڌائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هن سال نومبر ۾ پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيءَ جي اصولي موقف تي ترڪ حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن ترڪ پرڏيه?? وزير کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار?? جي غيرقانوني قدمن ۽ نام نهاد حدبندي ڪميشن جي حوالي سان پ??ڪس??ان جي موقف کان آگاه ڪيو. هن مختلف عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيه?? وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي حمايت کي ساراهيو. هن ترڪيءَ سان اقتصادي تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.