اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ديواگر، اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي سرحد پار کان دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن دهشتگرد حملي ج?? نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ بهادر جوانن حوالدار تيمور، نائيڪ شعيب ۽ سپاهي ثاقب جي درجن جي بلندي ۽ ملڪ جي دفاع دوران زخمي ٿيندڙ جوانن جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي عزم کي ساراهيو.