اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جامعه مس??د اماميه قصه خواني بازار پشاور ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پا??ان جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار، شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ۽ زخ??ين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.