اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بنگلادي?? سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ??ي فروغ جو خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرف?? تعاون ??ي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پاڪستاني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان بنگلادي?? سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوص?? ا??ميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ ج?? ا??جنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پاڪستان بنگلادي?? سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن ??ي فروغ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن ??ي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو، پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم صديقي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ??ستعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.