بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان پنهنجي چين جي دوري جي ٻئي ڏينهن چين جي مختلف سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ??مر??ن خان حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو، هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪا??وبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مر??ن خان چائنا انرجي اينڊ انجنيئرنگ ڪا??پوريشن جي چيئرمين، چائنا ا??ٽي?? ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪا??پوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا، ايسٽ سي گر??پ، چائنا ريلوي گر??پ لميٽيڊ، چائنا ميٽالورجيڪل گر??پ ڪا??پوريشن، بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ۽ چين مڪس گر??پ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران چيني سيڙپڪارن وزيراعظم ??مر??ن خان کي پاڪستان ۾ انهن جي جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ توانائي، ريفائننگ، پيٽرو ڪيميڪلز، انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، واٽر مئنيجمينٽ، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۽ هائوسنگ جي شعبن ۾ اربين ڊالر ماليت جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري منصوبن کان آگاهه ڪيو. چائنا انرجي ڪمپني توانائي، واٽر مئنيجمينٽ، ٽرانسپورٽيشن ۽ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. چائنا ا??ٽي?? ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ ڪا??پوريشن (سي ايس سي اي سي) پاور چائنا ڪميونيڪشن ۽ انجنيئرنگ تي ڌيان ڏي ٿي ۽ توانائي ۽ پاڻي جي شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿي. ايسٽ سي گر??پ عالمي سطح تي توانائي ۽ ڪيميڪل جو واپار ڪندڙ ڪمپني آهي. چائنا ريلوي گر??پ لميٽيڊ انجنيئرنگ، ريئل ا??ٽي?? ڊيولپمينٽ، ريلويز ۽ کاڻيون کوٽڻ جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏي ٿو. چائنا ميٽالورجيڪل گر??پ ڪا??پوريشن دنيا ۾ وڏي پئماني تي تعميرات جو ٺيڪيدار گر??پ آهي. بيجنگ سنچري انڊسٽريل ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري ترقياتي منصوبن تي ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم ??مر??ن خان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي ڪا??وباري لاڳاپن ۾ اضافي جي دلچسپي کي ساراهيندي حڪومت پاران غيرملڪي سيڙپڪارن خاص طور تي ملڪ جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري جي لاءِ مراعتن جي آڇ کي اجاگر ڪيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين کي انهن جي ڪا??وبار جي فروغ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. ملاقاتن دوران ڪا??ينا ميمبر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.