اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اج??اس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير ت??رڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينئ?? افيسرن اج??اس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اج??اس جي ميزباني ڪئي، ان اج??اس جي ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي ڪري پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي ??طح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اج??اس 22/23 مارچ 2022ع تي پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي انتظامن ۽ تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي ??ڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.