پشاور – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري درست تجزيو ڪري افغانستان جي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري. افغانستان لاءِ امدادي سامان جي حوالگي جي حوالي سان گو??نر هائوس پشاور ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته افغانستان سان اسان جو تمام گهڻو مضبوط رشتو آهي، هن وقت افغانستان هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي ان لاءِ عالمي برادري ان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار اد?? ڪري. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ پاڪ افغان دوستي گروپ گهڻو موثر ڪم ڪري رهيو آهي. افغانستان جي عوام سان تمام گهڻا پراڻا لاڳاپ?? آهن. اسان سدائين پنهنجي افغاني ڀائرن سان گڏ بيٺل رهي?? آهيون اسان جي خ??اه?? آهي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام هجي. پاڪستان ۽ هتي جي عوام افغانستان جي ترقي چاهي ٿي. پاڪستان جي سرندي وارن ماڻهن کان افغان عوام جي امداد لاءِ اڳتي اچڻ جي درخواست ڪريان ٿو. عالمي برادري افغان مسئلي جو درست تجزيو ڪري عوام جي مدد ڪري. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ آهي.