اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن، حڪومت جو صحت ڪارڊ نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا ۾ عوام کي صحت جي مڪمل سهولتن جي مفت فراهمي جي حوالي سان منفرد قدم آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آبادگار، هيلٿ ۽ احساس ڪارڊ جي اڳڀرائي بابت اعليٰ سطحي اج??اس ٿيو، اج??اس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ساهيوال ۽ ڊيره غازي خان ??ويزن ۾ هيلٿ ڪارڊ ورهائڻ ۽ ان جي ذريعي ماڻهن کي صحت جون سهولتون حاصل ڪرڻ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي ٻئي مرحلي کي جلد لاهور کان شروع ڪيو ويندو. اج??اس ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ صحت ڪارڊ جي ورڇ جي حوالي سان ??م تيزي سان جاري آهي. آبادگار ڪارڊ جي حوالي سان اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ڪارڊ جي ورڇ جو عمل ڏکڻ پنجاب کان شروع ڪيو ويو جنهن جا مثبت نتيجا ملي ره??ا آهن، آبادگار ڪارڊ سان سڌوسنئون سبسڊي سان نه رڳو آبادگارن کي معاونت جي فراهمي پر شفافيت جو عنصر پڻ يقيني بڻايو ويو آهي. ان ??انسواءِ آبادگار ڪارڊ ۾ سبسڊي جي لاءِ وڌيڪ پراڊڪٽس کي شامل ڪرڻ جي حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. ان موقعي تي وزيراعظم هيلٿ، آبادگار ۽ احساس ڪارڊ جي ورڇ ۽ ان سان لاڳاپيل انتظامن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اج??اس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ڊاڪٽر فيصل سلطان، جمشيد اقبال چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان ??انسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پٺتي پيل طبقي جي لاءِ صحت ۽ احساس ڪارڊ هڪ وڏو ريليف فراهم ڪندا، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ا?? حوالي سان خصوصي سيل ٺاهي ڪم ۾ تيزي آندي پئي وڃي. هنچ يو ته لاهور ۾ پڄاڻي کانپوءِ جلد صحت ڪارڊ جي ورڇ پوري پنجاب ۾ يقيني بڻائي ويندي، صحت، احساس ۽ آبادگار ڪارڊ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.