اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو سفر شروع ٿي چڪو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، رياستن جي بيانيي جي فروغ لاءِ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، اي پي پي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي آگسٽ تائين ڊيجيٽلائيز ڪرڻ شروع ڪنداسين، آءِ ايس پي آر پاڪستان ۾ مختصر وقت جي فلمن کي نئون رخ بخشيو، فلم ٺاهڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ??اءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، دنيا ۾ جنگيون هاڻي پنهنجي بيانيي جي فتح جي ذريعي ??ڙهيون وڃن ٿيون، ماضي ۾ ان تي ڌيان نه ڏنو ويو. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول جي تقريب کي خ??اب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃان ٿو ته هن اسان کي عمارت ڏني جيڪا تقريبن بند پيل هئي. آگسٽ ۾ جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي ٽي سال ??ورا ٿيندا ته ان عمارت ۾ ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ٺهي ويندي. هن چيو ته اڄ جي دنيا عوامي راءِ جي دنيا آهي، هاڻي جنگيون بيانيي جي ذريعي ??ڙهيون وڃن ٿيون جنهن جو بيانيو جيتري پذيرائي حاصل ڪندو انهي سان فتح جو تعين ٿيندو، سڄي دنيا ۾ ميڊيا کي بيانيي جي جوڙجڪ ۽ ان کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پاڪستان کي جهڙي طرح جي جاگرافيائي صورتحال درپيش آهي ۽ جهڙي طرح اسان جنگيون وڙهيون، شهادتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن، ان جي مقابلي ۾ اسان پنهنجو بيانيو اجاگر نه ڪري سگهياسين جنهن جي ڪري دنيا اسان جي قربانين جو اهڙي طرح اعتراف نه ڪيو جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي ها ڇو ته اسان عوامي راءِ ٺاهڻ جي لاءِ ڪم نه ڪيو.