اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چي?? آهي ته پاڪستان کي فضائي آلودگي کان پاڪ ڪرڻ ۽ شهرين کي رهڻ لاءِ صحت مند ماحول فراهم ڪ??ڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪلين گرين پروجيڪٽ ۽ بلين ٽريز سونامي جهڙا منصوبا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندا، پاڪستان جي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ماحوليات ج?? عالمي ڏهاڙي جي ميزباني ڪري رهي?? آهي. ماحوليات ج?? عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عالمي دنيا جو اعتراف آهي ته پاڪستان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ بهترين قدم کنيا آهن، فضائي آلودگي هڪ سنگين مسئلو بڻجي چڪ?? آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي صوبائي ۽ مقامي سطح تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ان سل??لي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ پ??رليامينٽ جو ڪردار انتهائي اهيمت رکندڙ آهي، اسپيڪر چيو ته ڇو ته اهي پاليسي ساز آهن ۽ اهي ئي عملدرآمد جي سطح تي پاليسين جي جاچ پڙتال ڪن ٿا، پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) جو دسخطي هجڻ جي ناطي پاڪستان کي آلودگي کان پاڪ ماحول فراهم ڪ??ڻ اسان جي ذميداري آهي، پشاور ۽ ڪراچي جهڙن پاڪستان جي وڏن شهرن کي هر سال ڌنڌ درپيش هوندي آهي، جيڪو ناقص هوا جي معيار ۽ فضائي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهي?? آهي، موجوده حڪومت ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ بلين سونامي ٽريز منصوبي ک?? عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي.