اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ سان جتي ماحول بهتر ٿيندي اتي ماکي جُون مکيُون پالڻ جهڙن شعبن کي ??روغ ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ماکي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معياري پيداوار، بهترين مارڪيٽنگ حڪمت عملي ۽ تصديقي عمل اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هو ٽرين بلين ٽري سونامي پروگرام جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪر?? رهيو هو، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين وارو خاص مددگار ملڪ ??مي?? اسلم ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳائڻ جي منصوبي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، زرعي باراني يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ ٻيا لاڳاپيل سينئر ع??لد??ر به ان موقعي تي موجود هئا. ملڪ ??مي?? اسلم اجلاس کي ??اکي جُون مکيُون پالڻ جي شعبي ۾ ترقي، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ۽ نوجوانن کي ??نرمند بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، صدر موسيماتي تبديلي واري وزايرت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ مگس باني جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان شعبي کي ??ضبوط بڻائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي،