اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب سياحت جي شعبي کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي فروغ ملندو پر سياحت جي شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي جي افتتاحي ??قريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصو??ي قدمن وا??و وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وا??و وفاقي وزير عمر ايوب، هوابازي وا??و وفاقي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفاقي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته نجي شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي ??هولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌندڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان ميلي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.