اسلام آباد – 20 نومبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان صوبائي گورنرن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي صوبن ۾ ڪم ڪندڙ وفاقي ادارن ۾ شڪايتن جي ازالي جي نظام جو جائزو وٺڻ جي ذميداري سونپي ڇڏي، ان حوالي سان هدايتن تي منظم طريقي سان عملدرآمد لاءِ سينئر سطح جي فوڪل پرسن کي نامزد ڪيو ويندو جيڪو پرائم منسٽر ڊليوري يونٽ/ وزيراعظم آفيس سان رابطي ۾ رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب آڪٽوبر 2018ع ??ان?? پاڪستان سٽيزن پورٽل (پي سي پي) سڄي ملڪ ۾ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سڀني کان قابل اعت??اد ذريعي طور سامهون آيو آهي، ان پليٽ فارم عام ماڻهو کي صحيح معنيٰ ۾ ب??اختيار بڻائيندي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ آواز فراهم ڪيو آهي، آسان پهچ وقت سر ازالي ۽ شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي عمل ۾ شفافيت سان عوامي اعتبار ۽ اعت??اد حاصل ڪيو آهي، ٻن سالن ۾ 30 لک کان وڌيڪ رجسٽريشن (125،000 ماهوار) ان سسٽم تي عوام جو بي حد اعت??اد ظاهر ڪري ٿو