اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪابينا کي ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي کان سڄي ??لڪ ۾ تعليمي ادارن ۾ تعليمي سرگرميون بحال ٿي وينديون ۽ ٽي ڪروڙ ٻارن جو اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو بحال ٿي ويندو، ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪورونا جي خلاف حفاظتي تدبيرن سميت ماسڪ جي استعمال تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، وفاقي ڪابينا برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ اڏامون جاري ڪرڻ، ٽي سي پي طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ جي حوا??ي سان پري شپمينٽ ايجنسين کي پري شپمنٽ انسپيڪشن جي هڪڙو ڀيرو ۽ افغانستان جي حوا??ي سان تجويز ڪيل ويزا پاليسي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا کي ما??ي سال 2018ع، 2019ع ۽ 2020ع ۾ حڪومتي قرضن ??ي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪو??ت کي ٽي کرب روپين جو قرض ورثي ۾ مليو، جنهن جون قسطون ادا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي لاءِ حڪو??ت کي وڌيڪ قرض وٺڻا پيا.