اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ آساني ٿين??ي، وڏن منصوبن ۾ اوو??سي?? پاڪستا??ين جي شموليت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي جي فر??غ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين جي فر??غ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿين??ي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آ??ي، ان سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستا??ين کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿين??ي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.