اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو با??ت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي ??قتصادي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس جي ??دارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ ش??خ جي هدايتن جي ??وشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي ??اري ۾ اپ ڊيٽ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم جي ??لاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي، هن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي.