اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، انهن ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل ??اد سان ڳالهائيندي ??ئي جنهن پ??ڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتحال، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل ??اد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏيهي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پ??ران وقت سر ڪارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.