اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ ب??ران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر مل?? 22 ??رب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ ب??ران جو ذميوار ريگيوليٽر کي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪري کنڊ ب??ران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪابينا ريڪوري ڪري پئسا عوام کي واپس ڪرڻ ۽ نظام کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آ??ي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪرشنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر مل?? 22 ??رب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪئي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.