اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) اعلان ڪيو آ??ي ته صارفين کان آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ جولاءِ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ 20 ??ئس?? في يونٽ گهٽ چارج ڪيا ويندا. ڪالهه نيپرا طرفان جاري اعلان موجب ڊسڪوز جي آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان نيپرا هيڊ ڪوارٽر ۾ نيپرا چيئرم??ن وسيم مختار جي صدارت هيٺ عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪئي وئي. اعلان موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي جي) ايف سي اي جي مد ۾ 57 ??ئس?? في يونٽ جي گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي هئي. ان جو ڊسڪوز جي سمورن صارفين کانسواءِ لائن لائيف، پري پيڊ صارف ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي لاڳو هوندو، ان جو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. سي پي پي اي جي ان کان اڳ صارفين کان جولاءِ جي ايف سي اي جي مد ۾ 37 ??ئس?? في يونٽ گهٽتائيءَ سان چارج ڪيو ويو هو، آگسٽ جو ايف سي اي جولاءِ جي ڀيٽ ۾ صارفين کان وڌيڪ 20 ??ئس?? في يونٽ گهٽ چارج ڪيو ويندو.