اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسا?? جي خطي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انٽرنيٽ تائي?? جي رسائي کان محروم آهي، ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، پاڪستان ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ايشيا پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ جي 58هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته وفد?? جي وڏي انگ ۾ شرڪت اسا?? جي ترقي، خوشحالي، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اها تقريب ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ، تحقيق ۾ سهولت ۽ علم جي مٽاسٽا ۾ پاڪستا?? جي مسلسل چاهه جو ثبوت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪست??ن جو وڌندڙ رجحان تعريف لائق آهي ۽ چئلينجز ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوشش?? جي ضرورت آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ايشيا – پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ نيٽ ورڪ جي خطي ۾ فني تعاون کي وڌائڻ ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ تحقيق، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل هدف?? جي حاصلات لاءِ سڀني جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. ان نيٽ ورڪ سان موسمياتي تبديلي، صحت، غربت، غذائي تحفظ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسا?? جي خطي جي 50 سيڪڙو آبادي اڃا به انٽرنيٽ جي رسائي کان محروم آهي ۽ اهوئي سبب آهي ته ڊجيٽل ورهاست جي اڻبرابري سبب حقيقي ترقي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. پاڪستان ان اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سيينٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اي پي اي اي?? جي سهڪار سان فني ترقي پوري ملڪ خاص طور تي پٺتي پيل عوام تائين يقيني بڻائي ويندي ۽ جامع ۽ برابري ترقي جي حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ سان ئي اسان پوري خطي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪري سگهون ٿا. سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان پاڪستان پنهنجي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي حفاظت ۽ اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي سائبر سيڪيورٽي حملن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ 2023ع ۾ سائبر حملن ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي. پاڪستان سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ ۾ قدم کڻي رهيو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اسپيس ۾ به علائقائي شراڪتدارن سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته اسا?? جي فني ترقي ماحولياتي ذميداري سان هم آهنگ آهي. اسان گرين ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهيون ۽ پاڪستا?? جي پارليامينٽ خاص طور تي سينيٽ، قومي ۽ فني ترقيءَ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اس??ن جو ڌيان اهڙين پاليسي?? جي جوڙجڪ تي آهي جيڪا جدت کي هٿي ۽ ڊجيٽل انفراسٽراڪچر جي تعمير ڪري. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ قانونسازي ذريعي ڊجيٽل تبديلي کي آسان بڻايو آهي ۽ ان قانونسازي سان آءِ سي ٽي سيڪٽر جي ترقي، سائبر سيڪيورٽي ۽ جدت جي حوصله افزائي ۾ بهتري آئي آهي. چيئرمين چيو ته پاڪستان پاڻ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اندر ڊجيٽل تبديلي کي اپنائڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ پيپر فري چيمبر بنائڻ ۽ سم??ري عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. انهن قدمن سان سينيٽ جو ڪم وڌيڪ شفاف، اثرائتو ۽ رسائي جي قابل ٿي ويندو ۽ سينيٽ جون سم??ريون سرگرميون مڪمل طور تي ڊجيٽلائيزڊ ٿي وينديون. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستا?? جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوان ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ معاشي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بي پناهه وسيل?? جي نمائندي ڪن ٿا. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان اڳ ئي 20 لک کان وڌيڪ فري لانسرز سان عالمي فري لانس اڪانومي ۾ اهم شراڪتدار آهي. پاڪستان فري لانسرز ۽ ڪاروباري ماڻه?? جي عالمي سطح تي رسائي کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم وڌي رهيو آهي. مضبوط عالمي رابطن کي هٿي ڏئي اسان پنهنجي اسٽارٽ اپس لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ سان روزگار جا وسيع موقعا ۽ اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته صحت، تعليم، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ ٻين شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اچو ته اسان هڪ اهڙي مستقبل طرف ڪم ڪريون جتي ٽيڪنالاجي اسا?? جي قومي ترقيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي طور تي ڪم ڪري جيڪا اسان کي وڌيڪ خوشحال، جامع ۽ پائيدار خطي طرف وٺي وڃي.