اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)ملڪي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال دوران 1.994 ارب ??الرز جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.673 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 8.233 ارب ??الرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.440 ارب ??الرز هو. 16 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.667 ارب ??الرز رڪارڊ ڪيو ويو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.292 ارب ??الرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.376 ارب ??الرز هو. جاري ڪئلينڊر سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.058ارب ??الرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 936 ملين ڊالرز جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.