اسلام آباد -03 آگسٽ (اي پ?? پي) ڊيوٽي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ شهزاد خان قومي خابرو اداري اي پ?? پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسم??ني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي تحقيقاتي اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث خان (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر) مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي 3 ڏينهن جو جسم??ني رمانڊ ختم ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪري، موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن کان وڌيڪ جاچ گهربل آهي، انهن جو 14 ڏينهن جو جسم??ني رمانڊ منظور ڪيو وڃي، ٻڌڻي دوران اي پ?? پي جي ليگل اي??وائيزر ناليواري قانوندان سردار يعقوب مستوئي اي??ووڪيٽ دليل ڏنا ته جوابدار پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا. هنن جعلسازي ڪري سرڪاري ناڻي کي 124 ملين رپين جو نقصان پهچايو. جوابدارن کان سرڪاري رقم رڪور ڪرڻ لاءِ جسم??ني رمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪ??لن جسم??ني رمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي جسم??ني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.