اسلام آباد – 19 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل ??ار??خ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، هن پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپ??ار??، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سلطنت عمان جي سفير فهد سليمان خلف الخروسي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم مسقط جي ضلعي واديءَ ڪبير ۾ امام ب??رگاهه علي ابن ابوطالب تي ٿيندڙ بزدلاڻي ??هشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ چار پاڪستاني شهرين سميت 6 ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان اٽڪل سمورا پاڪستاني هئا. وزيراعظم حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪستانين جي ميتن جي وطن واپسي ۽ زخمين جي علاج جي لاءِ عمان پاران فوري قدمن ۽ پاڪستاني سفارتخاني سان تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم عمان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تعاون جي آڇ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق جي لاءِ پنهنجي نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو جڏهن ته سلطان سان عيدالاضحيٰ ۽ عيدالفطر جي موقعي تي ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم سلطان هيثم بن طارق کي جلد کان جلد پاڪستان جو سر??ار?? دورو ڪرڻ جي پنهنجي اڳ ۾ ڏنل دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ عمان جا لاڳاپا گڏيل ??ار??خ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. هن پاڪستان پاران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپ??ار??، توانائي ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپ??ار?? ۾ تعاون جي لاءِ وفد کي ايندڙ هفتي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ کيس يقين ڏياريو ته لاڳاپيل عملدار گڏيل طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفد کي مڪمل تعاون فراهم ڪندا. عمان جي سفير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ عمان جي سلطان پاران نيڪ خو??هشن جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي ملڪ جي پاڪستان سان واپاري ۽ سيڙپ??ار?? جي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي خو??هش جو ورجاءُ ڪيو.