اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان غزه جي چئن اسڪولن تي اس??ائيلي قابض فوج جي انڌاڌنڌ حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي حملا غزه جي ماڻهن جي خلاف اس??ائيل جي نسل ڪشيء?? جي مهم هڪ ٻيو ثبوت آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته انهن حملن جي نتيجي ۾ اتي پناهه وٺندڙ درجنين عورتن ۽ ٻارن جو قتل عام ٿيو. تر??مان چيو ته شهري آبادين ۽ سهولتن کي انڌاڌنڌ نشانو بڻائڻ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزي آهي ۽ جنگي ڏوهن جو حصو آهي. پنهنجي تازه ترين قدمن سان اس??ائيلي قابض فوج هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي قانون ۽ شائستگي جي بنيادي اصولن ۽ قابل قبول عالمي طرز عمل جي توهين جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي انساني قانون جي انهن واضح خلاف ورزين کي نئون معمول بڻجڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي. تر??مان چيو ته اس??ن عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اس??ائيل جي دهشتگردي ۽ فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيء?? جي مهم کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اس??ائيل کي ان جي ڏوهن ۽ عالمي انساني ۽ انساني حقن جي قانون جي واضح خلاف ورزين جي لاءِ جوابده قرار ڏنو وڃي.