اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پ??رٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم شه??د ذولفقار علي ڀٽو کي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته شه??د ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ تي شه??د ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پ??رٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته 5 جولاءِ تي شه??د ذولفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ماضي جون غلطيون نه ورجايو ??ڃن. ملڪ ۾ جهموري نظام مضبوط ڪيو ??ڃي،سيني??ر سيد مسرور احسن چيو ته اسان کي 5 جولاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. سيني??ر سيف الله ابڙو چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.