اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪو??ت بين المذاهب هم اهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻڌمت جي اڳواڻن جي هڪ وفد ملاقات ڪئي. وفد پرڏيهي وزارت جي اهتمام هيٺ هڪ سمپوزيم ۽ ”گنڌارا کان دنيا تائين“ جي عنوان سان هڪ نمائش ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ۾ سريلنڪا ج?? ٻڌا ساسنا، مذهبي ۽ ثقافتي معاملن وارو وزير ودورا وڪرما نائيڪا، ويٽنام مان ٿيچ ڊڪ ٽوان، ٿائيلينڊ مان انيل ساڪيا ۽ نيپال مان ڊاڪٽر ڪيشبمن شاڪيا شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪئي. هن سمپوزيم ۾ انهن جي شرڪت تي ٿورا مڃيا ج??ڪو ويساک ڊي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي جيڪو مهاتما ٻڌ جي پيدائش، روشن خيالي ۽ لاڏاڻي جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿ??. و??يراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ٻڌمت جي قديم ورثي تي فخر آهي جيڪو ٻه هزار سال اڳ گنڌارا آرٽ ۽ ثقافت جي شڪل ۾ اتر اوڀر پاڪستان ۾ پروان چڙه??و. ??زيراعظم چيو ته حڪو??ت بين المذاهب هم آهنگي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. هن بين المذاهب هم آهنگي ۽ افهام تفهيم جي فروغ جي لاءِ ٻڌمت جي عالمن ۽ راهبن جي اڻٿڪ خدمتن جو پڻ اعتراف ڪ??و. ??ڌ اڳواڻن سمورن مذهبن جي لاءِ شموليت ۽ احترام جي ثقافت ??ي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي عزم کي ساراه??و. ??ن ٻڌمت جي ورثي جي جاين ۽ ثقافتي شين جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراه??و. ??فد جي ميمبرن پاڪستان ۾ ٻڌمت جي ورثي جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ پاڪستان سان تعاون جي خواهش جو اظهار ڪ??و. ??لاقات دوران وزيراعظم ۽ وفد بين المذاهب مڪالمي ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ ٻڌ اڪثريتي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي ۽ علمي مٽاسٽا ج?? موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل افهام تفهيم ۽ تعاون جون راهون ڳولڻ ۽ وڌيڪ هم آهنگي ۽ عالمي امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جي لاءِ هڪ گڏيل فورم قائم ڪرڻ جي امڪان تي خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ شرڪت ڪئي.