اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بو??ني?? هرزيگوينا سان ڪاروباري ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ بئنڪون کولڻ سميت مقامي ڪرنسين ۾ واپار ۽ بارٽر ٽريڊ کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بو??ني?? هرزيگوينا جي سفير امين ڪوهوڊاريوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سفير جي آجيان ڪندي چيو ته بو??ني?? هرزيگوينا سان پاڪستان جا اٽڪل ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ ٻطرفو رابطو ۽ ڳالهه جاري رکڻ گهرجي. سفير چيو ته س??دس ملڪ پاڪستان سان معيشت، سلامتي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گهري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته بو??ني?? هرزيگوينا جي مختلف صنعتن بشمول خوراڪ، سياحت ۽ ٽيڪسٽائيل ۾ پاڪستاني ڪاروبار جي لاءِ اقتصادي تعاون جي وسيع گنجائش موجود آهي. هن 1990ع جي ڏهاڪي جي جنگ دوران بو??ني?? هرزيگوينا جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ ??وا?? جا ٿوا مڃيا. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ سريبرينيڪا بابت بو??ني?? هرزيگوينا جي قرارداد جي مسودي جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي پڻ درخواست ڪئي. صدر پاڪستان بو??ني?? جي درخواست جو بهتر طريقي سان جائزو وٺندو، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 1995ع جي سريبرينيڪا سانحي جي متاثرين سان گڏ يڪجهتي جي لاءِ بيٺل آهي. سفير صدر کي بو??ني?? هرزيگوينا جي دوري جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪري سگهجي.