اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آه?? ته معيشت ۽ ايس آءِ ايف سي اسان جي لائيف لائين ۽ ريڊ لائين آه??، سياسي شعبده باز ڇڪتاڻ ۾ اڳتي نڪري چڪا آه??، انهن کان پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام هضم نه ٿي رهيو آه??، غيرملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، انشاءَ الله ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي، جيڪي غيرملڪي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا اسان انهن جا ضامن بڻجنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ واپار واري وفاقي وزير ??ام ڪمال خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف جو گڏيل عرب امارات جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، پاڪستان جي موجوده قيادت تي يو اي اي جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آه?? اهو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آه??. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڊيليور ڪرڻ ڄاڻي ٿو، دنيا اسان جي قدمن کي سنجيدگي سان ڏسي رهي آه??. هن چيو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ 10 ارب ڊالر جي رقم مخصوص ڪئي آه??، اسان جي مخالفن کي حڪومت جي ڪامياب دورن ۽ سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون هضم نه ٿي رهيون آه??. هن چيو ته ماضي ۾ جڏهن ڪو سيڙپڪار پاڪستان ايندو هو ته هو مختلف ڊويزنن ۽ وزارتن جا چڪر لڳائيندو رهندو هو، ڪا هڪ ون ونڊو آپريشن نه هئي جو جتي انهن کي سموريون سهولتون ميسر هجن. هن چيو ته هاڻي سيڙپڪاري جي حوالي سان پاڪستان ۾ ايس آءِ ايف سي جو فورم موجود آه?? جتي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سهولتون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جتي به ويو هن واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي اندر بي پناهه وسيلا ۽ صلاحيت موجود آه??، اسان جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آه??، اسان وٽ ماهر ورڪ فورس موجود آه?? ۽ پوري دنيا اسان جي انهن صلاحيتن کي تسليم ڪري ٿي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ آءِ ٽي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني ڪمپنين جا يو اي اي جي ڪمپنين سان معاهدا ٿيا. هن نجي شعبي جي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته دنيا جي ترقي يافته قومن نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪري ئي ترقي ڪئي آه??. هن چيو ته ڏيڍ سال اڳ اسان جو ايڪسچينج ريٽ مستحڪم نه هو، ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون درپيش هيون. هاڻي ناقدين وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا پر انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف ۽ ايس آءِ ايف سي جي جون گڏيل ڪوششون شامل آه??. هن چيو ته اسان جي قدمن جي ڪري اڄ سيڙپڪاري ۽ غيرملڪي وفد پاڪستان اچي رهيا آه?? ۽ جي ٽو جي ۽ بي ٽو بي ڊسڪشنز ٿي رهيا آه??. هن چيو ته ايران جي ??رح??م صدر پڻ پاڪستان سان واپار کي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. وفاقي وزير ??يو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مهيني سيڙپڪاري جي شرح ۾ 172 سيڪڙو اضافو ٿيو آه?? جيڪو 13 ڪروڙ 19 لک ڊالر مان وڌي 35 ڪروڙ 88 لک ڊالر تي ويو آه??. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪارن ۽ دوست ملڪن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آه??، ماڻهو ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اهي ماڻهو جن آءِ ايم ايف کي ليٽر لکيو، جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي خلاف مهم شروع ڪئي ۽ ملڪ ۾ تباهي ۽ برباد برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اڄ اهي ايس آءِ ايف سي تي حملي آور آه??. انهن ايس آءِ ايف سي جي خلاف منظم مهم هلائي ڇو ته انهن کي نظر اچي رهيو آه?? ته ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آه??. هن چيو ته گڏيل عرب امارات 10 ارب ڊالر جي وڏي رقم مختص ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته انهي ڏينهن هي ايس آءِ ايف سي تي حملي آور ٿيا. هن چيو ته پوري قوم پاڪستان جي معيشت کي ٻوڙيندڙن جون حرڪتون ڏسي رهي آه??. وفاقي وزير ??يو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت وفاقي بجيٽ کان اڳ ۾ بجيٽ پيش ڪئي آه??، تاريخ ۾ ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ کان اڳ صوبائي حڪومتون پنهنجي بجيٽ ڏين، ان جو سبب اهو هوندو آه?? ته وفاقي حڪومت کي باقاعده بجيٽ ڪاٿو ڏيڻو هوندو آه?? پر خيبرپختونخواهه جي حڪومت اڳ ۾ بجيٽ پيش ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هي جنهن 14 سيڪڙو جو ڪاٿو پاڻ لڳائي رهيا آه?? ان جو تعين وفاقي حڪومت ۽ ناڻي واري وزارت کي ڪرڻو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير وفاقي حڪومت جي بجيٽ جو ڪاٿو به پاڻ پيو ٺاهي. هن چيو ته شايد کيس اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جي اسپيلنگ به نه ايندي هجي ۽ هي وفاق جي بجيٽ ڪاٿي جو تعين پاڻ ڪرڻ وڃي رهيو آه??. هن چيو ته وفاق ۽ وفاقي ڌرين کي گڏجي هلڻو آه??. وفاقي وزير ??يو ته پي ٽي آءِ هڪ شخصيت کي پنهنجي ريڊ لائين ڊڪليئر ڪيو هو پر اسان جي ريڊ لائين ايس آءِ ايف سي آه?? جيڪا وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ جي اندر سيڙپڪاري کڻي اچي رهي آه?? جنهن سان ملڪ کي معاشي استحڪام ملي رهيو آه??، غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي رهيو آه??. هن چيو ته ملڪ جي معيشت اسان جي لائيف لائين آه??، انهي معيشت سان ڪ??وڙ??ن ماڻهن کي روزگار، مهانگائي جو خاتمو ۽ نوجوانن جو روشن مستقبل واڳيل آه??. هن چيو ته اهي اسان جون ريڊ لائينز آه?? جن کي هي ماڻهو ڪراس ڪندا پيا وڃن. هن چيو ته هي ماڻهو سياسي نعريبازي ۽ شعبده بازي جي لاءِ اهڙا قدم کڻي رهيا آه?? جو آئين ۽ قانون سان ڪو تعلق نه آه??، هي رڳو ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته انشاءَ الله ملڪ ۾ سيڙپڪاري ايندي رهندي، جيڪي غيرملڪي سيڙپڪار ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا اسان انهن جا ضامن بڻجنداسين ۽ انهن جي سيڙپڪاري کي يقيني بڻائينداسين، عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته هڪ صوبي جو وڏو وزير ان ماحول کي خراب ڪرڻ چاهي ٿو، هو چاهي ٿو ته هن ملڪ جي اندر تباهي ۽ برباد پکڙجي. هن چيو ته اسان سدائين خيبرپختونخواهه جي اندر سياست کي فروغ ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، اسان ٻاهرئين ملڪ وڃون ٿا ته اسان سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪريون ٿا، اسان چئني صوبن جي ڳالهه ڪريون ٿا. هن چيو ته ٻين صوبن جا وڏا وزير ??ينهن رات ڪم ڪري رهيا آه??، انهن وانگر ٽريڪ سوٽ پائي ٽي وي تي بيان نه ٿا ڏين. هن چيو ته اسان متحد ٿي خيبرپختونخواهه جي عوام جي لاءِ به ايترو ئي ڪم ڪنداسين جيترو باقي صوبن جي عوام جي لاءِ ڪري رهيا آه??ون. اسان عوام سان سڌوسنئون رابطي ۾ رهنداسين، انهن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته هڪ سياسي پارٽي غيرملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آه?? جنهن ۾ اها ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. ڇڪتاڻ سان رڳو پنهنجو نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته آئين جي خلاف ورزي ڪندڙن جي لاءِ ڪا جڳهه نه آه??. وفاقي وزير ??يو ته وفاق سمورن صوبن کي گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿو، اسان چاهيون ٿا ته افهام تفهيم سان معاملا طئي ٿين ۽ هر صوبي کي ان جو شيئر ملي. وفاق ڪڏهن به ڪنهن صوبي سان اهڙو رويو نه رکيو جنهن سان ڪنهن تعصب جو تاثر ويندو هجي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير تعصب پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، ان ۾ ان کي ڪڏهن به ڪاميابي نه ملندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي وفد سان ملاقاتن جي حوالي سان تياري بابت پاڻ اجلاس منعقد ڪيا، پهرين مئي تي موڪل جي ڏينهن به وزيراعظم ميٽنگ طلب ڪئي ۽ سعودي وفد سان ملاقاتن جي حوالي سان تياري بابت بريفنگ ورتي. سعودي وفد جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو ته هن چيو ته اسان توهان جي تياري کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آه??ون جيڪو اسان جي لاءِ فخر جوڳو آه??.