اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪا??ي ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيرا??ظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي وزيرا??ظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. قطر پرڏيهي مملڪتي وزير ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي وزيراعطم چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تاريخي، دوستاڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ۽ مضبوط حصيدا??ي ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ان حوالي سان وزيرا??ظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪا??ي ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. وزيرا??ظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي (ڪيو آءِ اي) جي اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان چاهي ٿو ته قطر پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي پورٽ فوليو کي وڌائي. وزيرا??ظم چيو ته ان حوالي سان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) هم آهنگي کي يقيني بڻائيندي ۽ سموريون سهولتون فراهم ڪندي. وزيرا??ظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم الثاني جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قطري مملڪتي وزير پنهنج?? استقبال تي وزيرا??ظم جا ٿورا مڃيا ۽ کيس قطر جي قيادت جو خصوصي پيغام پهچايو ۽ قطر ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. قطر جو مملڪتي پرڏيهي وزير قطر جي وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي ايلچي جي طور تي پاڪستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي آهي.