اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اڳوڻي وزي??اع??م ذوالفقار علي ڀٽو کي شفاف ٽرائل نه ملڻ جي سپريم ڪورٽ جي راءِ تي بلاول ڀٽو زرداري، نامزد صدر آصف علي زرداري، پيپلزپا??ٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تاريخي غلطي ??و ازالو ممڪن نه آهي پر سنگين غلطي ??ي اعتراف سان هڪ نئين تاريخ، هڪ نئين روايت قائم ٿي آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته عدالت کان ٿيندڙ زيادتي کي عدالت جو صحيح ڪرڻ مثبت اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ جي متفقه راءِ قومي سطح تي تاريخ کي صحيح ڏس ۾ سمجهڻ ۾ مددگار ٿيندي. ماضي جي غلطين جي درستگي ۽ تلخين جي خاتمي سان ئي قومي اتحاد ۽ ترقي جو عمل تيز ٿي سگهي ٿو.