اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اس??يل ٽائون ۾ عا??من ۽ موذن کي اس??يل انتظاميا جي فنڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي، فنڊز جي کوٽ جي ڪري اڳتي اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن ک??ن وصولي ڪري پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اس??يل ٽائون مسجد ڪميٽي 37 عا??م ۽ موذن مقرر ڪيا هئا جن جي پگهار پاڪستان اس??يل جي ملازمن جي فنڊز مان کڻي ڏني ويندي هئي پر 2021ع کان اس??يل ملز جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ان جي ڪري ملازمن جو انگ 8600 مان گهٽ ٿي 3 هزار رهجي ويو جنهن جي ڪري فنڊز ب?? گهٽ ٿي ويا. هاڻي اس??يل مل جي ملازمن کان جيڪي فنڊز گڏ ڪيا وڃن ٿا اهي هڪ لک 34 هزار رپيا آهن جن مان 37 عا??من ۽ موذن کي پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان لاءِ 32 عا??من ۽ موذن جو ڪانٽريڪٽ نه وڌايو ويو. اس??يل مل انتظاميا اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان 250 رپيا في گهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن ئي اهي فنڊز گڏ ٿيندا، 32 عا??من ۽ موذنن کي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گذريل چار مهينن کان انهن جي رڪيل پگهار اس??يل مل انتظاميا پنهنجي فنڊز مان ادا ڪري ڇڏي آهي.