اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) حڪومت سازيءَ لاءِ (ن) ليگ ۽ پ پ جي اڳواڻن تي ٻَڌل ڪ??يٽي??َ جو پهريون اجلاس اربع ڏينهن منعقد ٿيو. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان سينيٽر اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ملڪ محمد احم?? خان اجلاس ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته پ پ جي نمائندگي سيد مراد علي شاهه، قمر الزمان ڪائره، سعيد غني ۽ ٻين ڪئي. ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جلد کان جلد حڪومت سازي جي عمل ??ي مڪمل ڪ??و وڃي. ڪميٽي جون مشاورت سان جوڙيل تجويزون اڳواڻن کي ??يش ڪيون وينديون. ڪميٽي??َ جي سفارشن جي روشني ۾ قيادت حتمي فيصلو ڪندي.