اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (??رڪ??ز) جي صدر سينيئر صحافي پرويز ش??ڪت جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز ش??ڪت جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، پرويز ش??ڪت صحافين جو مضبوط آواز هو، صحافت جي شعبي ۽ صحافين جي ڀلائي جي ??اء?? سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.