اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڻي جي زيان جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي ضرورت آهي، گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فل??ري??ن پلانٽ هنيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد، سينيٽر مهر تاج روغاني ۽ ٻين ميمب??ن جي سوالن جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??سلام آباد ۾ مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جو مسئلو آهي، ان کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پاڻي جو زيان هڪ مسئلو آهي، اهو اهڙو معاملو آهي جيڪو رڳو ڏنڊ سان حل ٿيڻ وارو نه آهي ان جي لاءِ عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي، بدقسمتي سان اشرافيه ??يترو پاڻي ضايع ڪري ٿي غريب ماڻهو ايترو ضايع نه ٿا ڪن. هن چيو ته قوم عوامي نمائندن جي ??ون?? استحصالي نظام جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ ڪري ٿي، جيڪڏهن اهي اهو نه ٿا ڪري سگهن ته ??ها ناڪامي آهي. هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران اسلام آباد ۾ ٽي فل??ري??ن پلانٽ هنيا ويا آهن.