اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي صحت جي مسئلن بابت مسجد ۽ منبر جو ڪردار انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪورونا جي دوران عالمن ۽ پي?? امامن ڪورونا کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، مسجدون ۽ منبر غيرمتعدي بيمارين کان بچاءُ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي جي صدارت ۾ مسجدن جي ذريعي صحت جي مسئلن بابت آگاهي پي??ا ڪر?? جي حوالي سان اجلاس منعقد ٿيو. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته ڪميونٽي جي شرڪت سان صحت جي نظام تي بيمارين جو بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ صحت طر?? مسجدن جي ڪردار تي پاليسي ڊرافٽ تيار ڪر?? تي اتفاق ڪيو ويو، اهو پاليسي ڊرافٽ ٻن هفتن ۾ تيار ڪيو ويندو. صحت واري نگران وفاقي وزير صدر ۽ خاتون اول جي بيمارين بابت آگاهي جي لاءِ ڪردار ادا ڪر?? جي عمل کي ساراهيو. اجلاس ۾ صوبائي نمائندن پنهنجي صوبن ۾ عوام جي صحت جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.