اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرت??يٰ سولنگي ايران جي شهر ڪرمان ۾ دهشتگرد حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي عالمي امن جي لاءِ خطرو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام پاران ايران جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي ج?? ان بزدلاڻي فعل جي ج??تري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، پاڪستان سميت خطي جا اڪثر ملڪ دهشتگردي ج?? شڪار آهن، اسان دهشتگردي ج?? نتيجي ۾ ان ڏک کي سمجهي سگهون ٿا. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اير??ني حڪومت ۽ ايران جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جون دعائون ايران جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. اطلاعات ۽ پارليام??ني معاملن واري نگران وفاقي وزير متاثرين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي ج??د صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.