اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بابت وفاقي ا??دو يونيورسٽي جي سمورن ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو آهي ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ ان جي معاملن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ا??دو يونيورسٽي جي سينيٽ جي 49 هين خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽ??ي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ٻين سينيٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته يونيورسٽي جي سينيٽ جا اجلاس باقاعدگي سان نه ٿي رهيا آهن. هن يونيورسٽي جي سمورين ڌرين ۽ سينيٽ ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي يونيورسٽي جي نمايان پوزيشن بحال ڪرڻ جي لاءِ معاملا بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪن. صدر وقت سر فيصلا ڪرڻ جي لاءِ اهم عهدن تي مقررين جي ضرورت تي زور ڏنو. يونيورسٽي جي سينيٽ پروفيسر ڊاڪٽر روبينه مشتاق جي بطور وقتي وائيس چانسلر وفاقي ا??دو يونيورسٽي مقرري جي منظوري ڏني. ان موقعي تي وفاقي ا??دو يونيورسٽي جي باقاعده وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ سرچ ڪميٽي جوڙڻ تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو عمل 60 ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي ا??دو يونيورسٽي جي سينيٽ وفاقي ا??دو يونيورسٽي آرڊيننس جي شقن جي ڏس ۾ انجمن ترقي ا??دو پاڪستان جي صدر جي سينيٽ ميمبر طور خدمتون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. جڏهن ته اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي في??ٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ جي لاءِ انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ڪميٽي جون سفارسون سينيٽ کي پيش ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.