باڪو – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان آذربائيجان جي شهر شو??ا ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 27 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. هنن اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن رخن جو جائزو ور??و ۽ سمورن بنيادي مسئل?? تي ثابت قدم حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزيرن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، ثقافت، زراعت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.