اسلام آباد -17 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي 5 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. هو نيويارڪ ۾ گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين اجلاس کي خطاب ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ عالمي اڳواڻن سان مل??قاتون پڻ ڪندو. نگران وزيراعظم آمريڪا ۾ گڏي?? قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کان علاوه موسمياتي تبديلي تي منعقد ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. انوار الحق ڪاڪڙ ان دوري ۾ عالمي س?? سماءَ وارن ذريعن جي نمائنسن سا?? به مل??قاتون ڪندو ۽ آمريڪا جي مشهور ٿنڪ ٽينڪس جو به دورو ڪندو.