اسلام آباد ??? 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن ??ان محفوظ رهڻ جي لاءِ موثر قدم لازمي آهن، گئسن جي ع??لم?? اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي اثرن ??ان متاثر ٿيو آهي، موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ س??است ??ان مٿانهون ٿي قومي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار وڻڪاري مهم شروع ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامي تعليم سان اسان کي حقوق العباد، حقوق الله ۽ نباتات جي حقن جو درس ملي ٿ??، انهن نعمتن جي قدر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن ??ان بچڻ جي لاءِ ان طرف ڌيان ڏيڻو پوندو، آلودگي ۽ ماحول کي متاثر ڪندڙ ٻين عملن سان منفي اثر پيدا ٿين ٿا جنهن جو نتيجو ڪڏهن اسان ٻوڏ، ڪڏهن زلزلي يا ڪڏهن ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. وزيراعظم چيو ته گئسن جي ع??لم?? اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو ??ان به گهٽ هجڻ جي باوجود گذريل سال ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿي??، اسان کي موسمياتي تبديلي جي مسئلن ۽ منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ ٻين ڌرين کي موسمياتي تبديلي جي مسئلي جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائڻو پوندو، سرڪاري ادارن ۽ ٻين رياستي ادارن کي به ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي اسان ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين پر جيستائين وسيلن جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن ??ان بچڻ جي لاءِ ٻين قدمن جي ضرورت آهي، ع??لم?? برادري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.