اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو ??فا??ي وزير سيد امين الح?? ۽ ??نڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آد??شماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آد??شماري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ستين ڊيجيٽل آد??شماري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو ??فا??ي وزير سردار اياز صادق پاور وارو ??فا??ي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.