اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا (ترميمي) بل 2023ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. بل جي مُنڍ سميت 9 سيڪشنز ۾ ترميمون جڏهن ته 5 نئين سيڪشنز جو اضافو ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيمرا (ترميمي) بل 2023ع پيش ڪيو. بل موجب پيمرا قانون جي 22، 6، 8، 11، 13، 24، 26، 27، 29 سيڪشنز ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن جڏهن ته بل ۾ 20، 20 اي، 29 اي، 30 بي، 39 اي جي نئين شقن جو اضافو ڪيو ويو آهي. بل جي مُنڍ ۾ ترميمون ڪري عوام جي تفريح، تعليم ۽ مع??وم??ت جي دائري کي وسيع ڪيو ويو آهي. اليڪٽر??نڪ ميڊيا، تصديق ٿيل خبرن، معاشري ۾ تحمل جي فروغ جو مواد پنهنجي نشريات ۾ استعمال ڪندو. عمومي ترقي، توانائي، معاشي ترقي بابت مواد پڻ نشريات ۾ شامل ڪيو ويندو. ابتدائيه جي شق 5 ۾ ترميم ڪري اليڪٽر??نڪ ميڊيا کي ملازمن جي وقت سر پگهارن جي اد??ئيگي جو پابند ڪيو ويو آهي. وقت سر اد??ئيگي مان ??را?? اليڪٽر??نڪ ميڊيا ملازمن کي ٻن مهينن جي اندر ڪئي ويندڙ اد??ئيگيون آهن. 20 اي جي نئين شق ۾ اليڪٽر??نڪ ميڊيا جي ملازمن جي پگهارن جي وقت سر اد??ئيگي جڏهن ته 20 بي جي نئين شق ۾ اليڪٽر??نڪ ميڊيا کي پيمرا ۽ شڪايت ڪائونسل جي پگهارن جي وقت سر اد??ئيگي جي سمورن فيصلن، حڪمن جي پاسداري جو پابند بڻايو ويو آهي. پگهارن جي عدم اد??ئيگي تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي حڪومتي اشتهار لاڳاپيل اليڪٽر??نڪ ميديا کي فراهم نه ڪيا ويندا. براڊ ڪاسٽ ميڊيا لائيسنس 20 سالن جي لاءِ ۽ ڊسٽري بيوشن لائيسنس 10 سالن جي عرصي جي لاءِ هوندو. نافذ العمل فيس اد?? ڪرڻي پوندي پر ان ۾ ساليانو مجموعي تشهيري آمدني شامل نه هوندي. ڊس انفارميشن جي تشريح پڻ ترميم جي ذريعي بل ۾ شامل ڪئي وئي آهي. ”ڊس انفارميشن“ مان ??را?? اها خبر آهي جيڪا قابل تصديق نه هجي، گمراهه ڪندڙ، هٿ ٺوڪي، ساز باز سان تيار ڪيل يا جعلي هجي. اهڙي خبر ”ڊس انفارميشن“ سڏرائيندي جيڪا ڪنهن ذاتي، سياسي يا مالي مفاد جي خاطر يا ڪنهن کي هراسان ڪرڻ جي لاءِ ڏني وئي هجي. لاڳاپيل شخص جو موقف وٺڻ کانسواءِ ڏنل خبر ”ڊس انفارميشن“ جي تعريف ۾ شامل هوندي. متاثر شخص جو موقف پڻ انهي نمايان انداز ۾ نشر ٿيندو يا ڪوريج ڏني ويندي جنهن طور ان جي خلاف ”ڊس انفارميشن“ کي ڏني وئي هوندي. بل موجب مس انفارميشن مان ??را?? اهو مواد آهي جيڪو ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ڪوڙو ثابت ٿئي يا غلطي سان نشر ٿي ويو هجي. آرٽيڪل 19 جي خلاف ورزي جي زمري ۾ ايندڙ خلاف ورزي هن بل تحت ”سنگين خلاف ورزي“ تصور ٿيندي. سيڪشن 6 ۾ ترميم ڪري ميمبرن جو مقرر انگ ختم ڪري پيمرا ميمبرن جي مقرري جو اختيار صدر پاڪستان کي ڏنو ويو آهي. ضرورت جي وقت پيمرا چيئرمين جي سفارش ڪيل ميمبرن جي مقرري ٿيندي. اهي ميمبر نان ووٽنگ ۽ اعزازي طور تي ڪم ڪندا. پيمرا جي انهن ٻن ميمبرن مان هڪ براڊ ڪاسٽرز ۽ ٻيو پي ايف يو جي جو نمائندو هوندو. پيمرا جو اجلاس هاڻي وڊيو لنڪ ۽ سرڪيوليشن جي ذريعي پڻ منعقد ٿي سگهندو، پيمرا جا اختيار چيئرمين، ڪنهن ميمبر يا اٿارٽي جي آفيسر کي سونپيل هوندا. انهن اختيارن ۾ ڪيبل ٽي وي کانسواءِ ڪنهن براڊ ڪاسٽ ميڊيا يا ڊسٽري بيوشن جو لائيسنس ڏيڻ، منسوخ ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو اختيار شامل نه هوندو. ٽي وي چينل جي ضابطي ڪار ۾ ”ڊس انفارميشن“ نشر نه ڪرڻ جي شرط شامل ڪئي وئي آهي. معمول جي پروگرام دوران اشتهار جو دورانيو 5 منٽ کان وڌيڪ نه هوندو. معمول جي پروگرام ۾ ٻن بريڪ دوران ڏيکاريا ويندڙ اشتهارن جو دورانيو 10 منٽن کان گهٽ نه هوندو. عوام الناس، اد??رن ۽ ٻين شڪايتن جي ازالي جي لاءِ اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ شڪايت ڪائونسلز ٺاهيون وينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽر??نڪ ميڊيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي حڪومتي پاليسي، وقت سر پگهارن جي اد??ئيگي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائينديون. شڪايت ڪائونسلز اليڪٽر??نڪ ميڊيا جي خلاف شڪايتن جي ٻڌڻي، پنهنجي راءِ ۽ سفارشون پيمرا کي موڪلينديون. شڪايت ڪائونسل هڪ چيئرمين ۽ 5 ميمبرن تي ٻ??ل هوندي، ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو مدو ٻه سال هوندو. 29 اي جي نئين سيڪشن تحت سنگين خلاف ورزي تي 10 لک رپين کان هڪ ڪروڙ رپين تائين ڏنڊ لڳي سگهندو. پيمرا جي فيصلن جي خلاف لاڳاپيل صوبي جي هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهبي.