اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آ??رب??ئيجان ج?? صدر الهام عليوف جي دعوت تي پنهنجي ٻن ڏينهن جي ??رڪ??ري دوري تي باڪو آ??رب??ئيجان پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب باڪو پهچڻ تي آ??رب??ئيجان جي اول نائب وزيراعظم يعقوب ايوبوف، نائب پرڏيهي وزير النور مامادوف، پاڪستان ۾ آ??رب??ئيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ آ??رب??ئيجان ۾ پاڪستان جي سفير بلال حئي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم ج?? وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ آ??رب??ئيجان جو هي پهريون دورو آهي. وزيراعظم سڀاڻي (15 جون 2023ع) تي باڪو ۾ آ??رب??ئيجان جي قومي قائد حيدر عليوف جي مزار تي ويندو ۽ گلدستو رکندو. وزيراعظم آ??رب??ئيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ج?? صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان آ??رب??ئيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي. اي پي پي/ع – ک 22:49