اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف، پارلياماني معاملن واري وزير کي هدايت ڪئي ته بجي?? تي ميمبرن جي تجويزن کي نوٽ ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل آفيسرن جو گيلري ۾ موجود هجڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن اربع ڏينهن آف??سر موجود نه هوندا ته انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس جي شروعات تي اسپيڪر چي?? ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت 11 بجي جو هو، پر بجيٽ تجويزون نوٽ ڪرڻ لاءِ سرڪاري آف??سر اڃا تائين گيلري ۾ موجود ناهن، پارلياماني معاملن وارو وزير اها ڳالهه وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻي، جيڪڏهن (اڄ) کان لاڳاپيل آف??سر موجود نه هوندا ته انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.