اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي ا??وڻي ??بائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري ا??وڻي ??اٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي ??اتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي ا??واڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي ا??واڻن جو تعلق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي ا??وڻي ??بائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي، ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضر??رت آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي ڪري ا??وڻي ??اٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ضر??رت آهي، علائقي جي ماڻهن جي ز??دگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قبائلي علائقن جي ماڻهن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ضر??رت آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي ??اٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي ا??واڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چيو ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، تعليم، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن. قبائلي ا??واڻن چيو ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن، اندروني چ??پر ۽ ماڻهن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضر??رت آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ضر??رت تي ز??ر ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي ??آٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.