باغ -22 مئي (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان بابت وزيراعظم جي صلاحڪار قمر ??لزمان ڪائره چيو آهي، ته ??ارت جي20 ڪانفرنس جو هڪ حصو سرينگر منتقل ڪري حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. والاريل ڪشمير کليل جيل وانگر آهي، مودي حڪومت ڪوڙ تي ٻڌل منظرنامي ۽ ڪوڙو ڊرامو ڪري والاريل ڪشمير جي عوام جا حوصلا پست ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪشميرين جو آزادي وارو جذبو قائم ۽ دائم آهي، پوري پاڪستاني قوم والاريل ڪشمير جي عوام ??ان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ان ??ان گڏ بيٺل آهي. جي20 اجلاس جي روشني ۾ باغ جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ??ان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي قمر ??لزمان ڪائره چيو ته ڪشميرين ??ان گڏيل قومن ذريعي حق خوداراديت ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو آهي، ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو به ڪشميرين ??ان اهو ئي واعدو ڪيو هو. گڏيل قومون ۽ سڄي دنيا درپيش مختلف معاملن تي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪري ان کي حل ڪرائي ٿي. جڏهن ته ??ڏيل قومن جو ڪشميرين ??ان ڪيل پراڻو واعدو اڃا تائين وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت مختلف دورن ۾ مظلوم ڪشميرين خلاف مختلف حربا استعمال ڪندي رهي آهي. ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم ۽ ڏاڍ، تشدد ۽ قانوني ڪارروائين سميت ٻيا حربا استعمال ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي هو ڪشميرين جي سڃاڻپ ۽ انهن جي جذبن کي دٻائڻ چاهي ٿو. ڀارت ان ۾ نه ڪڏهن ڪامياب ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو.