اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي، سمورن ادارن جي قيادت جي ??ميواري آهي ته اهي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي ڌيان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي ??رڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي ??هولتن جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي ??اتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي ??هتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت س??ن محبت جي ??ذبي کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ترقي کي روڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ??رورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي ??عبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوانن جي ??عليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي ??ائبر صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، غربت جي ??اتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ??رقي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻارن کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.