اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پي??لزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پي??لزپارٽي ڳالهين جي سياست تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ ه?? ئي وقت چونڊن جا حامي آهيون، ??ڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي س??ن اتحادي پارٽيون پارليامينٽ جي فيصلي س??ن گڏ بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، عدالتي حڪم جي باوجود عمران خان جي دور ۾ ??نج??ب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پاڪستان پي??لزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي خلاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته ??ڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صوبن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون.