اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مع??شي، سياسي ۽ سماجي شعبن ۾ عورتن جي وڌ کان وڌ ڪردار تي زور ڏيندي چيو آهي ته لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ عورتن کي مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ ٽيليويزن چينل پاران منقعد وومين ليڊرز ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن کي گهرن کان ٻاهر ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ مع??شرو انهن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي لاءِ مناسب موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته مردن کي ڪم جي جاين تي هراسان ڪرڻ جي حوالي سان عورتن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ذميواري وٺڻ گهرجي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان صنفي برابري جي مع??ملي ۾ ٻين ملڪن کان پٺتي آهي ۽ سماجي ۽ مع??شي شموليت جي حوالي سان مرد ۽ عورتن جي وچ ۾ خال کي ڀرڻ جي لاءِ عملي قدمن جي ضرورت آهي. هن قائداعظم محمد علي جناح جو مثال پيش ڪيو جنهن جي ڀيڻ فاطمه جناح پاڪستان قائم ٿيڻ جي تحريڪ دوران ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهي. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان مع??شي ترقي چاهيون ٿا ته اسان عورتن کي گهرن تائي?? محدود رکڻ کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين جهڙن ملڪن عورتن کي مع??شي سرگرمين جو حصو بڻائي غيرمعمولي ترقي ڪئي آهي. صدر چيو ته اسلام عورتن کي ڪيتريون ئي ص??يون اھ وراثت جي حق سميت سمورا حق ڏنا ۽ هي اهو وقت هو جڏهن ٻين مع??شرن ۾ انهن حقن جو ڪو تصور به نه هو. هن نشاندهي ڪئي ته اولهه دنيا ۾ عورتن کي اهي بنيادي حق رڳو گذريل صديءَ ۾ ڏنا ويا هئا. هن ام المومنين حضرت خديجه (رضه الله عنها) جو مثال پيش ڪيو جيڪا پنهنجي طور تي هڪ ڪاروباري عورت هئي. صدر چيو ته بئنڪن پاران عورتن جي لاءِ آسان قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، ان بابت انهن جي مناسب رهنمائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مالياتي ادارن کان اهي قرض حاصل ڪري پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن. هن چيو ته اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ عورتن جي اڪثريت اسلام جي تعليم جي باوجود وراثت جي حق کا?? محروم آهي. ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان ڳالهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ 20 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن پرائمري سطح تي اٽڪل سئو سيڪڙو داخلا جي شرح حاصل ڪري ورتي آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا 68 سيڪڙو آهي. صدر چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙن سماجي تحفظ جي قدمن عورتن کي سماجي ۽ مع??شي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هي پروگرام عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي حوالي سان ڪامياب رهيو آهي. هن چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل سان عورتن کي پنهنجي گهرن ما?? محفوظ انداز سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پارليامينٽ ۾ عورتن کي نمائندگي ڏئي هڪ اهم قدم کنيو آهي، عورتن جي شرڪت وڌائڻ جي لاءِ اهڙن وڌيڪ فعال قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته هي ايوارڊ انهن عورتن جو اعتراف آهي جن مختلف سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ مع??شري جي بهتري جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. صدر ڊاڪٽر علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو ۽ مع??شري جي ڪمزور طبقن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن تي روشني وڌي. هم نيٽ ورڪ جي ص??ر سلطانه صديقي پنهنجي خطاب ۾ عورت ليڊرن کي نهن جي خدمتن ۽ ڪاميابين تي ايوارڊ ڏيڻ جي سالياني تقريب بابت آگاهه ڪيو. ان کان اڳ صدر عارف علوي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن عورت اڳواڻن کي ايوارڊ ڏنا. ايوارڊز ما??يندڙ عورتن ۾ پروين سعيد، خاور ممتاز، ڪيرن آرمسٽرانگ، سبينه کتري، لاريب عطا، آمنه نواز، ڊاڪٽر زيبا ستار، رونق اقبال لاکاڻي، نسيم صلاح الدين ۽ نعيم احمد شامل هُيون.